ٽويو ننڍو ماپو

ٽويو/ ننڍو ماپو(Small Measure):اناج ماپڻ جو ڪاٺ مان ٺهيل ماپو. جيڪو ٽن سيرن کان پنجن سيرن جي اناج جي ماپ ڪري. ڪاٺ جو ٺهيل اڌ گول وانگر جنهن جي چَپَرن جي مٿان لوهه جي پٽي چڙهيل هوندي آهي. ساهمي ۽ وٽن جي اچڻ کان پوءِ هن ماپ جي اوزار جو ڪارج ختم ٿي ويو آهي. سينگار لاءِ جنڊيءَ جو رنگ به چڙهيل هوندو هوس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو